شرح حديقه (قلمي نسخو)

شرح حديقه (قلمي نسخو)

شرح حديقه قلمي نسخو

شرح حديقه (قلمي نسخو): هي قلمي نسخو عبداللطيف بن عبدالله عباسيءَ جو تصنيف ڪيل آهي. هي ڪتاب ثنائيءَ جي مشهور مثنوي ‘حديقة الحقيقة و شريعة الطريقة’ جي شرح تي لکيل آهي، جيڪو نثر ۾ آهي ۽ ٻن جلدن ۾ محفوظ آهي. هن ڪتاب جي شروعات هن ريت ٿئي ٿي:
“محقق است و خادميک دوست دوست،
و خادم دوست خود مخدوم مي باشد بر،
ذمه خود واجب و لازم ديد که پاي سعي
و اجتهاد....”
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
“... تا مردم به آساني آب ازان بردارند،
و ته حوض و دريا رانيز گويند.”
523 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي، ان جو ڪاتب مير اسد الله بن مير محمد سعد آهي ۽ هن اهو ڪتاب 1120هه/1708ع ۾ ڪتابت ٿيو. هي قلمي نسخو ٻن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو